سورٺ ٿيٻو

سورٺ ٿيٻو

سورٺ ٿيٻو

سورٺ ٿيٻو: مسلم ليگ (ن) سنڌ جي اڳواڻ سورٺ ٿيٻو جو اصل نالو سورٺ ٿهيم ڌيءَ محمد عمر ٿهيم آهي. هن دادو شهر ۾ 15 آڪٽوبر 1968ع ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم دادوءَ مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول خيرپورناٿن شاهه مان 1985ع ۾ ڏني، هن انٽر گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج خيرپورناٿن شاهه مان 1987ع ۾ ڪرڻ کانپوءِ بي. اي (آنرز) سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 1990ع ۾ ڪئي.
سورٺ ٿيٻو، سياست جي شروعات 1990ع ۾ سنڌ نيشنل فرنٽ (ليڊيز ونگ) ضلعي دادوءَ جي صدر جي حيثيت ۾ ڪئي ۽ ٻه سال اُن عهدي تي رهي ڪم ڪيو، جنهن کان پوءِ هن ’سنڌ نيشنل فرنٽ‘ ڇڏي مسلم ليگ (نواز گروپ) ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ کيس مسلم ليگ (ن) ليڊيز ونگ سنڌ جي جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، جتي 1999ع تائين ڪم ڪندي رهي. هوءَ سال 2000ع کان 2001ع تائين ٻه سال مسلم ليگ (ن) ليڊيز ونگ جي صوبائي صدر رهي. ٻيو ڀيرو 2010ع کان 2011ع تائين ٻه سال سنڌ جي صدر به رهي آهي.
سورٺ ٿيٻو 1995ع ۾ ميهڙ جي معروف ليکڪا بيگم بادام ناتوان جي فرزند گلزار احمد ٿيٻي سان شادي ڪئي، جيڪو مشهور ڪميونسٽ اڳواڻ مير ٿيٻي جو ڀاءُ آهي.
جڏهن ميان نواز شريف کي گرفتار ڪيو ويو هو، ته سندس آزاديءَ لاءِ احتجاج ڪندي هوءَ 1999ع ۾ گرفتار ٿي ۽ جيل وئي. ان کانپوءِ به ٻه ڀيرا هوءَ جيل ۾ رهي آهي، جنهن دوران 2006ع ۾ کيس راولپنڊي جيل ۾ رکيو ويو. سورٺ ٿيٻو، عدليه جي آزاديءَ واري تحريڪ دوران 2011ع ۾ پارٽي پليٽفارم تان سنڌ ۾ جدوجهد ۽ لانگ مارچ ۾ حصو ورتو. صدر پرويز مشرف جي دور ۾ هن جي ڪوششن سان مسلم ليگ (ن) طرفان اسلام آباد ۾ تعليمي ڪنوينشن ٿيو، جنهن ۾ سنڌ مان وڏي تعداد ۾ عورتون وٺي شرڪت ڪيائين. هن 2010ع جي مهاٻوڏ دوران پارٽي ورڪرن سان گڏجي سنڌ جي متاثر علائقن ۾ ٻوڏ سٽيل ماڻهن کي نه رڳو ٻيڙين ذريعي محفوظ هنڌن تائين پهچايو، پر پنجاب ۽ سنڌ مان کاڌي ۽ ضرورت جو سامان پڻ متاثرن کي مهيا ڪيو. اهڙيءَ طرح هن 2012ع واري برسات دوران سنڌ جي متاثرن جي واهر لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.
سورٺ ٿيٻو، سنڌي عورتن سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف آواز اُٿاريندي رهي آهي. هن 1996ع ۾ ’عورت اتحاد‘ نالي هڪ سماجي تنظيم ٺاهي ۽ اُن جي پليٽفارم تان عورتن سان ٿيندڙ ڏاڍاين ۽ ناانصافين بابت هڪ قانوني مسودو تيار ڪري، اُن وقت جي گورنر سنڌ معين الدين حيدر جي حوالي ڪيو. ان کان سواءِ عورتن سان ٿيندڙ ظلمن ۽ زيادتين خلاف روزاني ڪاوش اخبار ۾ ڪالم ۽ مضمون به لکيا ۽ ڪيترا سيمينار ڪرايا. هن سال 2012ع دوران سنڌ اندر ’ٻٽي بلدياتي نظام‘ خلاف هلندڙ جدوجهد ۾ حصو ورتو ۽ ڪيترن جلسن جلوسن ۾ شريڪ رهي.
سورٺ ٿيٻو هڪ بهادر عورت آهي. ڪجهه سال اڳ 1989ع ڌاري جڏهن سندس گهر تي ڌاڙيل لائق چانڊئي جي ٽولي حملو ڪيو، ته هن ڌاڙيلن تي جوابي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ ڪجهه ڌاڙيل زخمي ٿي پيا هئا. سورٺ ٿيٻو کي ٻن فرزندن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي. ان جو مستقل گهر دادوءَ ۾ آهي، پر سندس ڪراچيءَ ۾ به رهائشگاهه آهي.


لفظ سورٺ ٿيٻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.10.15  عيسوي

مسلم ليگ (ن) سنڌ جي اڳواڻ سورٺ ٿيٻو دادو شهر ۾ 15 آڪٽوبر 1968ع ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهه بيگ ارغون
علي احمد جمالي
سيد شفيق حيدر موسوي
پير بخش عالماڻي
هيرو شيوڪاڻي پروفيسر
ابراهيم جليس
ڀارواڻي وشنداس
ڀٽي رشيد
جيمس ينگ سمپسن
بخشل باغي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون